قاضي فيض محمد هڪ آدرشي انسان

July 18, 2010

قاضي فيض محمد هڪ آدرشي انسان

واحد پارس هيسباڻي


اياز ڏات کي نه پر سچ کي وڏي شيءِ چيو آهي ۽ اهو سچ جيڪو مچ مچائي، ان مچ کي وڏي شيءِ چيو آهي. قاضي فيض محمد ڏات ڌڻي به آهي، هن سچ لکيو به، سچ ڳالهايو به ۽ سندس ان سچ مچ به مچايو. هي سنڌ جي انهن تمام ٿورن اديبن، سياستدانن ۽ سماج سيوڪن مان هڪ آهي، جن پنهنجي پوري ڄمار هڪ آدرشي طور گذاري ڇڏي، جيڪي ’ڀلي بک ڀرم جي شال م وڃي شان‘ جي اصول تي ڪاربند رهيا. Read more »

آئيني پيڪيج، اين ايف سي ۽ سنڌ

March 18, 2010

آئيني پيڪيج، اين ايف سي ۽ سنڌ!

بئريسٽر ضمير گهمرو

مان هنن ڪالمن ۾ اين ايف سي جي ڪارروائي دوران لکيو هو ته اين ايف سي سفارشون مرتب ڪرڻ کانپوءِ آئيني پيڪيج آندو ويندو. جنهن جو مطلب آهي ته صوبن کي مالي خودمختياري نه ڏني ويندي ۽ مرڪز لاءِ ايندڙ پنجن سالن لاءِ اين ايف سي جو ساڳيو حصو برقرار رکيو ويندو ۽ ٺيڪ ايئن ئي ٿيو. مرڪز پنجاب جي بي پناهه دٻاءَ تي پهريون اين ايف سي سفارشن ۾ پنهنجو معاملو سڌو ڪيو ۽ هاڻي صرف Read more »

سنڌو کي چنبڙايل ٻن ڄئورن جي آکاڻي

March 18, 2010


سنڌو کي چنبڙايل ٻن ڄئورن جي آکاڻي

محمد ادريس راجپوت

سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ پاڻيءَ جي ورهاست جا مامرا انگريزن جي حڪومت واري وقت ۾ به هلندا هئا، جڏهن ٻنهي پاسي انگريز آفيسر هوندا هئا، پر اهي معاملا وڌيڪ سنگين پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ٿيا، جڏهن اسان جي سياستدانن ۽ نوڪر شاهي جي نااهلي سبب هندستان پهرين اپريل 1948ع تي ٽن دريائن جو پاڪستان ۾ ايندڙ پاڻي بند ڪري ڇڏيو. انهيءَ تڪرار جا ٽي مکيه ڪارڻ ه Read more »

سنڌ دوست رابطا ڪائونسل طرفان سنڌ جا ڇهه مُطالبا

March 12, 2010

سنڌ دوست رابطا ڪائونسل طرفان سنڌ جا ڇهه مُطالبا

سنڌ دوست رابطا ڪائونسل طرفان پاڪستان جي صدر، وزيراعظم، پارليامينٽ جي آئيني ڪميٽيءَ جي اڳواڻن ۽ ميمبرن، سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، چئني صوبن جي گورنرن، وڏن وزيرن، هاءِ ڪورٽن جي چيف جسٽسن، سمورين سياسي جماعتن، بار ڪائونسلن ۽ ٻين لاڳاپيل شخصيتن ۽ ادارن ڏانهن موڪليل مطالبا

سنڌ جي عوام سان اُنهن ماڻهن دوکو ڪيو آهي، جن تي هنن ڀروسو ڪيو هو ۽ کين وڏن سرڪاري عُهدن تائين پهچايو هو. پر اڄ، اُنهن ماڻهن سنڌ جا حق مرڪز کي سونپي ڇڏيا آهن، يا وري اُن طرفان ڦٻايل حقن تي راضي ۽ سُهمت آهن. اُن دوکي ۽ ويساهه گهاتيءَ جو چِٽو نروار ٿيل مثال قومي مالياتي ڪميشن جون سفارشون آهن. Read more »

ستون اين ايف سي ايوارڊ – تڪراري يا جمهوري؟

March 11, 2010

ستون اين ايف سي ايوارڊ – تڪراري يا جمهوري؟

وارث رضا

لاهور ۾ ستين اين ايف سي ايوارڊ جي نتيجي مطابق چارن ئي صوبن اين ايف سي ايوارڊ تي اتفاق ڪري انهي کي منظور ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي هي اين ايف سي ايوارڊ صدر جي منظوري لاءِ ناڻي واري وزارت طرفان موڪليو ويندو ۽ پوءِ اين ايف سي ايوارڊ تي عمل شروع ٿي ويندو. تازي ستين اين ايف سي ايوارڊ تي نظر وجھڻ کان اڳ ضروري آهي ته اسان پاڪستان ۾ وفاقي نظام هيٺ تيل ناڻي جي ورڇ بابت ڄاڻ لهون، اها ڄاڻ اسان کي تازي اين ايف سي ايوارڊ Read more »

قوم پرست تحريڪ ۾ نظرياتي لاڙا ۽ تحريڪ

March 11, 2010

قوم پرست تحريڪ ۾ نظرياتي لاڙا ۽ تحريڪ

وارث رضا

تاريخي طور سنڌ ۽ ان جو عوام پنهنجي حقن جي حاصلات ۽ ٻين جي جمهوري حقن جي حفاظت لاءِ هميشه جاکوڙ ڪئي آهي. ملڪ ۾ ون يونٽ ۽ فوجي آمر ايوب خلاف تحريڪ هجي يا بنگالي قوم جي ڳالهه هجي سنڌ ۽ سنڌ جي عوام هر مرحلي تي پنهنجو سياسي ۽ جمهوري ڪردار دنيا سامهون چٽو ڪري رکيو آهي. هي اها ئي سنڌ آهي جتان جمهوري ۽ عوامي قدرن جا سرواڻ حيدر بخش جتوئي، حسن ناصر، هوشو شيدي ۽ ڪامريڊ نظير عباسي جهڙا کاهوڙي اڳواڻ پيدا ٿيا. سنڌ جي عوام فوجي جنرل ضياءَ خلاف ايم آر ڊي تحريڪ ۾ به سنڌ جي عوام پنهنجي سياسي ۽ Read more »

پاڻي ورڇ ۾ سنڌ سان ٿيندڙ زيادتيون ۽ ارسا جو اعتراف

February 23, 2010

پاڻي ورڇ ۾ سنڌ سان ٿيندڙ زيادتيون ۽ ارسا جو اعتراف
ايم بي سومرو

سينيٽ جي پاڻي ۽ بجلي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو لڳاتار ٻن ڏينهن تائين پارليامينٽ هائوس ۾ اجلاس ٿي گذريو آهي. 18 ۽ 19 فيبروري تي ٿيل اجلاسن ۾ ارسا چيئرمين ٻن ڏينهن دوران پاڻي ورڇ، سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ هلندڙ پاڻي تڪرار، چشما-جهلم لنڪ ڪينال کي تازو وهائڻ واري ڪيل فيصلي سوڌو چشما-جهلم لنڪ ڪينال تي پاور پراجيڪٽ لڳائڻ بابت تفصيلي بريفنگ ڪاميٽي کي ڏني آهي. پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل ان اداري ارسا جي سربراهه پاران ڏنل بريفنگ تي اگر ٿورو به غور ڪجي ته ان جي بريفنگ ئي سنڌ سان پاڻي ورڇ ۾ ٿيندڙ زيادتي ۽ چشما-جهلم لنڪ ڪينال کي وهائڻ يا ان تي پاور پراجيڪٽ جي تعمير بابت سنڌ جي موقف کي درست قرار ڏئي ٿي، ان ڪري Read more »

پاڻي معاملو؛ حق گهرڻ بجاءِ گذارشون ڇو پيون ٿين؟

February 23, 2010

پاڻي معاملو؛ حق گهرڻ بجاءِ گذارشون ڇو پيون ٿين؟

قربان بلوچ

ڇنڇر ڏينهن ڪراچي ۾ پاڻي مامرن تي سنڌ ۽ پنجاب جي نمائندن وچ ۾ ٿيل ڳالهين ۽ پنجاب جي وفد جي سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات دوران سيد قائم علي شاهه پاران پنجاب جي نمائندن کي تڪراري سي جي لنڪ ڪئنال بند ڪرڻ ۽ سنڌ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ درخواست ڪرڻ واريون خبرون نظر مان گذريون ته شاهه صاحب کان وٺي مرڪزي سطح تي پ پ حڪومت جي ٻن سالن دوران مفاهمت جي نالي تي درخواستن ۽ شڪست در شڪستن جي ذهن ۾ تاريخ گردش ڪرڻ لڳي. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران پنجاب کي تڪراري سي جي لنڪ ڪئنال بند ڪرڻ لاءِ مطالبي بجاءِ درخواست Read more »

چشما-جهلم لنڪ ڪينال تي رٿيل بجلي گهر بابت ڪجهه حقيقتون

February 23, 2010

چشما-جهلم لنڪ ڪينال تي رٿيل بجلي گهر بابت ڪجهه حقيقتون

محمد ادريس راجپوت

سنڌ جي آبپاشي واري وزير سيد مراد علي شاهه مطابق 11 فيبروري 2010ع تي سنڌ چشما- جهلم لنڪ ڪئنال جي پڇڙيءَ تي رٿيل بجلي گهر ٺاهڻ لاءِ نيپرا پاران ڏنل اُصولي اجازت نامي خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي. اها اپيل سنڌ آبپاشي جي پاور واري ايڊيشل سيڪريٽري ڪريم شيخ داخل ڪئي. ٻئي پاسي بين الصوبائي رابطه وزارت جي وفاقي وزير پير آفتاب شاهه وزيراعظم جي هدايتن مطابق واسيطدار ماڻهن جو پهريون اجلاس 11 فيبروري تي سڏايو، Read more »

سنڌ کي بڇايل اماڙيون ۽ نئين سال جي ايجنڊا

February 22, 2010

سنڌ کي بڇايل اماڙيون ۽ نئين سال جي ايجنڊا

رڪ سنڌي

سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ کي انتهاپسند قوتن نفرت جي باهه ۾ ساڙڻ لاءِ 28 ڊسمبر 2009ع تي وڏي رٿابندي سان حملو ڪيو آهي. يوم عاشوري جي موقعي تي عزادارن جي مرڪزي جلوس ۾ ٿيل حملي ۾ هڪ طرف 50 کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيون آهن ۽ سوين ماتمي زخمي ٿي اسپتالن ڀيڙا ٿيا آهن ته ٻئي طرف ان حملي بعد اڳواٽ طئه ٿيل رٿابندي هيٺ ڪراچي جي اهم واپاري مرڪزن تي حملو ڪري بولٽن مارڪيٽ سميت ڊزن کن ننڍن وڏن مارڪيٽن ۽ عمارتن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، Read more »

Follow

Get every new post delivered to your Inbox.